جمن شاهه شهيد

جمن شاهه شهيد

جمن شاهه شهيد

جمن شاهه شهيد: سيد جمن شاهه شهيد عرف داتا جمن شاهه جي مزار حيدرآباد شهر ۾ ٽنڊي آغا جي وسنديءَ ۾ عقيدتمندن لاءِ هڪ زيارتگاهه طور مشهور آهي، سيد جمن شاهه شهيد ابن سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي. سندس وڏا اصل بخارا شهر مان هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ سيد جمن شاهه وڏو پرهيزگار هو. سندس مسڪن ٽنڊي ٺوڙهي وٽ ٽنڊي حيدر واري رستي تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ هو، جتي هميشه عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ عقيدتمندن کي وعظ ڪندو هو.
ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ مرزا لالچ ۾ اچي، 18 جمادي الثاني 1331هه مطابق 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو. ساڻس گڏ سندس خاص معتقد مرزا غلام محمد بيگ (ٽنڊي آغا وارو) به سخت زخمي ٿيو، پر اهو بچي ويو، جڏهن سيد جمن جو لاش اسپتال پهتو ته مقامي ڪليڪٽر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به اچي پهتا، شاهه صاحب پنهنجي ۽ عقيدتمندن کي وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجي قاتل کي ڪجهه به نه چئجو“. چون ٿا ته سيد جمن شاهه جي شهادت کان پوءِ قاتل چريو ٿي پيو ۽ گدو بندر واري چرين جي اسپتال ۾ داخل ٿيو. شاهه صاحب کي غسل ۽ ڪفن بعد هزهائينس مير نور محمد خان ٽالپر جي وزير مرزا ٻڍل بيگ ٽنڊي آغا واري قبرستان ۾ دفن ڪرايو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس قبر مٿان 8 ربيع الاول 1333هه مطابق 25 جنوري 1915ع تي ميرزا ٻڍل بيگ هڪ عاليشان مقبرو اڏايو، جيڪو اڄ به ٽنڊي آغا ۾ زيارتگاهه طور موجود آهي. سيد جمن جي قبي جو پهريون مجاور مرزا غلام محمد هو. سيد صاحب جو اڄ ڏينهن تائين جماد الثاني واري مهيني ۾ 16، 17 ۽ 18 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. ميلي جي ٻئي ڏينهجن تي ميرزا عنايت علي بيگ، سيد جمن شاهه جي دستار ۽ ميندي جي تقريب ڪرائيندو هو ۽ نذر جو بندوبست پڻ ڪرائيندو هو. سندس وفات کان پوءِ اها ذميواري سندس پٽ نڀائيندا اچن. ميلي جي آخري ڏينهن حضرت امام حسين عليه السّلام جي مجلس عزا منعقد ٿيندي آهي، جيڪا سيد يار محمد شاهه ڪرائيندو هو ۽ هاڻي سيد شاهه مردان شاهه ڪرائيندو آهي. هن وقت سيد جمن شاهه شهيد جي مزار جو سجاده نشين سيد شاهه مردان شاهه آهي.
سيد جمن شاهه جي شهادت تي ميرزا ٻڍل بيگ هڪ قطعه تاريخ چئي هئي، جيڪا مقبري تي اڪريل آهي. هن ريت آهي:
از شهادت شد مشرف سيد جمن شاهه زار،
هجدهم ماه جماد دوم آن گردون وقار،
رفت جنت بهر سالش گفت ٻڍل را سروش،
’دوجـده آغـوش‘ خوابيده شه عالي تبار.
1331هه
ان کان سواءِ ميرزا ٻڍل بيگ هن سيد سڳوري جي شهادت تي هڪ طويل مسدس مرثيو پڻ چيو هو، جيڪو 38 بندن تي مشتمل آهي. ميرزا ٻڍل بيگ جي انهي مرثيي جا ٻه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اڄ وري بيڏوهه ٿيو سادات جمن شاهه شهيد،
ڪربلا ۾ جيئن ڪَٺو شبير کي شمر پليد،
تيئن ڪَٺو موذي عداوت سان اچي سيد سعيد،
شمر کان پڻ ٿيو شقاوت ۾ زياده هي عنيد،
ڪربلا جو واقعو تازو ٿو ڏسجي سنڌ ۾،
ظلم هن جو شور ٻڍبو جلد هاڻي هند ۾.

بس ٻڍل تون ڇا ڪندي هن حال جو شرح و بيان،
آل تي جي ظلم ٿيا سي ڪين ڪي آهن نهان،
عدل ظلمن جو ڪندو خود خالق هر دو جهان،
صابرن سر ڪيا فِدا پنهنجا رضا و صبر سان،
ظالمن کي ظلم جي ملندي سزا نار حميم،
صابرن لئي حق مقرر ڪيو سدا نعم النعيم .


لفظ جمن شاهه شهيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1848.12.11  عيسوي

سيد جمن شاهه شهيد ابن سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي .


1913.05.25  عيسوي

جمن شاهه شهيد 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور الدين شيخ
اسماعيل شاهه بخاري
حڪيم مولوي عبدالستار چنو
اسڪو پارپولا
دولت خان لوڌي
شـمس جـعـفـراڻي
صديقي محمود الحسن ڊاڪٽر
ڏاهري محمد ادريس
بختيار بيگ
ساهو مل موتي رام نگاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون